آر ڪي پرنگل

آر ڪي پرنگل

آر ڪي پرنگل

آر. ڪي پرنگل: انگريز دور ۾ سنڌ جي پهرئين ڪمشنر آر. ڪي پرنگل جو پورو نالو رابرٽ ڪيٿ پرنگل هو. سنڌ صوبي جي پهرئين گورنر جنرل چارلس نيپئر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ آڪٽوبر 1847ع ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تحت آر ڪي پرنگل کي سنڌ جو پھريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. آر ڪي پرنگل ايڊنبرگ هاءِ اسڪول هليريءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1820ع ۾ بمبئي سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. جتان ترقي ڪندو بمبئي جو چيف سيڪريٽري ٿيو. اڳتي هلي بمبئي ڪائونسل جو وقتي ميمبر به ٿيو هو. سنڌ ۾ تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري درجو ڏيارڻ جون ڪوششون مسٽر پرنگل ورتيون هيون. هن ڪميٽيون جوڙي انهن کي الڳ الڳ ذميواريون سونپيون، ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ الڳ الڳ رسم الخط موجود هئا ۽ فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته ڪهڙي رسم الخط کي حتمي شڪل ڏجي. اهڙيءَ طرح سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو مليو ۽ سنڌي تعليم ۽ الفابيٽ جي سلسلي ۾ ڪم شروع ٿيو. مسٽر پرنگل انتظامي معاملا ۽ عدالتي ڪارروائي لاءِ پنهنجو هڪ مشير مقرر ڪيو. هن ڪراچي پوليس جي تعداد ۾ واڌارو ڪيو. ڪراچيءَ ۾ رستا تعمير ڪرايا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کوٽايا. سندس ئي دور ۾ 1848ع ۾ ٽپال کاتي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪراچي ۽ ٺٽي وچ ۾ اُٺ سوارن وسيلي هڪ آزمائشي نظام شروع ڪيو، پر اهو نظام فقط هڪ مهينو هلي سگهيو. بلوچ رجمينٽ هن جي دور ۾ وجود ۾ آئي، حڪومت جي هر شعبي لاءِ مختلف کاتا جوڙيا ويا. هر کاتي لاءِ الڳ سربراهه مقرر ڪيا ويا. هر سربراهه پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو ذميوار پاڻ هوندو هو، جنهن ڪري انتظامي معاملا بهتر انداز ۾ هلي سگهيا.آر ڪي پرنگل 1854ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ 12 جنوري 1897ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو